اشرافيا جي مفادن لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻيل عوام

0
151
اشرافيا جي مفادن لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻيل عوام

هڪڙي پاسي ناڻي وارو وزير مني بجيت ۾  170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائي عوام کي نپوڙڻ جو بندوبست ڪري رهيو هو ته ٻئي طرف اڌ رات جو پيٽرول جي قيمتن ۾ 22 رپيا في لٽر واڌ ڪري عوام جي زندگي اهڙو ڊيڄاريندڙ خواب بڻائي وئي جو عام ماڻهو  هر وقت ڇرڪ ڀريندو رهندو.آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ معاملا طئي ٿيڻ بعد اهو خطرو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو پر مني بجيٽ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واري هڪٻئي پٺيان اعلانن اهڙي سونامي وارو ڪم ڪيو آهي جنهن  رهيل سهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. مني بجيٽ سونامي هئي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ اهڙو زلزلو جنهن عوام جي زندگي کي ڌوڏي ڇڏيو آهي جڏهن ته مراعت يافته طبقي تي ڪو فرق نه ٿو پوي اهي پنهنجي زندگي انهي سڪون سان گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته نه مني بجيٽ ۾ لڳندڙ ٽيڪسن جو انهن تي اثر ٿو پوي نه ئي پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون انهي جي زندگي جي گاڏي آڏو رنڊڪ وجهي سگهن ٿيون.رهندو ايئن ٿو لڳي ته مني بجيٽ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ وارا فيصلا ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ بدران انهي اشرافيه جي سهولتن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيا ويا آهن ته جيئن انهن کي ملندڙ مراعتون جاري رهن ڀلي کڻي عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي.خيرپور ۾ خودڪشي ڪندڙ نوجوان ان جو مثال آهي ته ڪيئن مهانگائي ۽ حڪمران ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي رهيا آهن.

عام عوام مهانگائي بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي جڏهن ته سياسي ڌرين وري ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ بدران هڪٻئي سان اهڙي ويڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سان ملڪي معيشت بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته سياسي عدم استحڪام ۾ ڪنهن به ملڪ جي معيشت ڪڏهن به بهتر نه ٿي ٿي سگهي .سياسي غير يقيني ملڪ جي هر ڪاروبار کي متاثر ڪندي آهي پر  لڳي ٿو  انهي جو نه حڪومت کي ڪو فڪر آهي نه ئي مخالف ڌر جي پارٽين کي اونو، اهي پنهنجي پنهنجي سياسي مفادن ۽ ايجنڊا جي پوراءُ لاءِ عوام کي ڪنهن به کاهي ۾ ڌڪو ڏيڻ لاءِ تيار آهن.هڪڙي پاسي حڪمران مني بجيٽ پيش ڪري نوان ٽيڪس لڳائي رهيا آهن ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري مخالف ڌر جي وڏي پارٽي ٻن صوبن ۾ پنهنجي حڪومتون ختم ڪري ۽ قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏئي ملڪ جي نظام کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان سڄو نقصان عام عوام جو ٿي رهيو آهي.اڃا ته بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌڻيون آهن .جنهن سان بجلي ۽ گئس تي هلندڙ فيڪٽريون متاثر ٿينديون اتان پيدا ٿيندڙ شيون مهانگيون ٿينديون پراڊڪشن جي ڪاسٽ وڌندي ته انهن صنعتن مان ڇانٽين جو اهڙو سلسلو سروع ٿيندو يا اهي فيڪٽريون بند ٿينديون جنهن سان وري مهانگائي سان گڏ بيروزگاري جو به طوفان ايندو.ڪو به ادارو هن وقت درست رخ ۾ ڪم نه پيو ڪري هڪٻئي تي ٻئي جي ڪمن ۾ مداخلت جا الزام پيا لڳن ايئن پيو نظر اچي ته ادارا هڪٻئي جي سامهون آهن اهڙي صورتحال ۾ نظام مفلوج نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو ۽ اهو نطام عوام کي ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگهندو جيڪو هن وقت نظر اچي رهيو آهي، نه حڪومت مهانگائي تي قابو ڪري سگهي ٿي نه ئي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا مهيا ڪري رهي آهي. سڀ ڪجهه پنهنجي ليکي هلي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو خبر ناهي ڪٿي وڃي دنگ ڪندو.

اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڪ هولڊر عوام ئي هجڻ گهرجي ۽ ان جي مفادن کي ڏسي  پاليسيون جوڙڻ گهرجن يا فيصلا ٿيڻ گهرجن پر هتي ٿي ان جي ابتڙ رهيو آهي .هڪ خاص طبقي ۽ اشرافيا پنهنجي مفادن جي ويڙهه ۾ عوام کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ڪري نه مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جون پاليسيون ٿيون جڙن نه ادارا پنهجي حدن ۾ ٿا رهن، هرڪو پنهنجي طبقي جي مفادن لاءِ ٻين جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ کي انهي حالتن تائين پهچايو آهي جو نه سياسي استحڪام ٿو اچي،نه معاشي بهتري ٿي ٿئي ۽ نه ئي ادارا پنهنجو ڪم ڪري ٿا سگهن.