ٿر ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ به اڃ عروج تي پهتل آھي!

سنڌ جي ھندوڪش جبلن کان جيڪڏھن ھيٺ لھندي غور ڪجي ته ھتي ھينئر ڊيم جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي، ديا مير ڀاشا نالي ڊيم ٺاھيو پيو وڃي، ان کان اڳ ڏسبو ته پنجاب پاران ٺاھيل ٿاڪوٽ ڊيم ۽ ان مان نڪرندڙ اڳ تي ھلي تربيلا ڊيم ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنال ۽ وري ٽيون واھ غازي پروٽا ڊيم ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي جاءِ تان تڪراري ٿل ڪئنال پنجاب ڪڍيو، جنھن سنڌ جو پاڻي روڪيو ۽ سنڌ جون زمينون بنجر ٿيون ۽ جھلم درياھ کي مددي پاڻي ڏيڻ لاءِ ھڪ ڪئنال ڪڍيو ويو، جيڪو درياھ جي پڇڙيءَ وارن جي حق تي ڌاڙو ھو، تونسا ۽ ان مان نڪرندڙ چار واھ جيڪي منڍ ۾ آباد پنجاب ڪڍيا، جن سنڌ لاءِ عذاب ڪيو ۽ ھيٺ پنجند پنجاب جي 5 درياھن کي پاڻي ڏئي ٿو، افسوس سنڌ جو ھڪ شاھڪار خطو جيڪي معدني وسيلن سان مالامال آھي، جيڪو صدين کان اڃ مري رھيو آھي، جتان جي ماڻھن کي جيئڻ لاءِ زھر جھڙو پاڻي پي گذر ڪندا آھن، جنهن سان ھتان جا چونڊيل نمائندا پير ڌوئڻ به پسند ناھن ڪندا، اسان جي ملڪي بجيٽ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ خطو ھر حڪومت نظرانداز ڪندي آئي آھي، جڏھن ٻوڏ جا بھانا ڏئي پنجاب لاءِ ڪئنال ڪڍي رھي ھئي تڏھن انھن کي سنڌ جو ھي شاھڪار خطو ياد نه ھو ڇا؟ يا ان جي تڪليفن کان اڻواقف ھئا؟ ٿر مان ھينئر کربن جو ڪوئلو نڪتو آھي ۽ اڃا پراجيڪٽ ھلندڙ آھي پر افسوس ڪوئلي جا ڌڻي مقامي ماڻھو زھر جھڙو پاڻي زندگي گذارين ٿا ۽ جتي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري راڪاس جيان لامارا ڏئي رهي آهي. ٿر جو ھر ماڻھو اعليٰ اختيارين کان اپيل ٿو ڪري ته جتي پنجاب لاءِ ايترا ڪئنال نڪري سگھن ٿا اتي اسان لاءِ ڇو نه؟ جڏھن ته سنڌو درياھ جي پاڻي تي سنڌين جو حق آھي.

سنيل ڪمار/ ڳوٺ ڀوريلو، ٿرپارڪر

تعليم اسان جو

بنيادي حق آھي!

وس وارن کان گذارش آھي ته اسان کي تعليم جي سھولت ڏني وڃي، اسان جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين سڀني پھچ وارن کان پر زور اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي ڳوٺ راميون گجو کي تعليم جي سھولت ڏني وڃي. منھنجو ڳوٺ راميون گجو جيڪو عمرڪوٽ تعلقي جي ٿر واري علائقي يوسي ڪپلور ۾ عمرڪوٽ کان 35 ڪلوميٽر پنڌ تي آھي. ھن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 400 گھر آھن، ھن ڳوٺ ۾ رڳو گجو ۽ چوھاڻ رھن ٿا پر ھتي ھڪ ٽڪي جي به سھولت ناھي. ٽي اليڪشنون مون کي ياد آھن، سڄي ڳوٺ ھر ڀيري PPP کي ووٽ ڏنو پر ھتي بنيادي سھولت ڪا ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نه پاڻي، نه روڊ، نه لائيٽ، نه صحت جي سھولت، نه تعليم، ھاڻي حڪومت ھن 15 سالن ۾ اسان کي ڏنو ڇا آھي خبر ناھي؟ بھرحال پاڻ ٻين ڳالھين کي ڇڏي ھتي رڳو تعليم جي ڳالھ ڪيون ٿا. ھن ھيتري آبادي رکندڙ ڳوٺ راميون گجو ۾ مين اسڪول 7 سالن کان بند پيل آھي. ڳوٺ جو مين اسڪول جيڪو ٻن ڪمرن جي عمارت آھي، اھپ ھاڻ ڊھي چڪو آھي. سڄي ڳوٺ جا ٻار خراب پيا ٿين، ڀلا ھيڏي مهانگائي ۾ غريب ماڻھو ڪٿي ٿو شھر ۾ ٻار کي پڙھائي سگھي؟ سنڌ حڪومت جو قابل تعريف ڪم گھڻي انگ ۾ استادن جي ڀرتي وارو آھي پر ھيڏي انگ ۾ استاد کڻن کان پوءِ به ھن وڏي آبادي واري ڳوٺ کي ھڪ به استاد نه مليو آھي. جڏھن ته ڪٿي ڪٿي ھڪ اسڪول ۾ 20 ٻارن تي 3 يا 4 استاد ڏنا ويا آھن. ڀلا ھي ڪھڙي بنياد تي پيا اسڪولن کي استاد ڏين! اسان جي ڳوٺ کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آھي، ڳوٺ کان 5 يا 6 ڪلوميٽرن جي پنڌ تان روڊ، لائيٽ، پاڻي جي لائين اڳتي ٿر ڏانھن وڃي ٿي پر ھن ڳوٺ راميون گجو کي ڪا ھڪ به سهولت نٿي ڏني وڃي. شايد ھي وڏيرن جو ڳوٺ ناھي شايد ان ڪري! ٻيو ته ٺھيو پر گھٽ ۾ گھٽ منھنجي ۾ تعليم ۽ مٺي پاڻيءَ جي سھولت ئي ڏني وڃي. ھن 21هين صدي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به اسان الائي ڪھڙي اونداھي دور ۾ پيا رھون؟ اسان وري به وس وارن کي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ راميون گجو ۾ مين اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي ۽ ان ۾ ڪجھ استاد ڏنا وڃن ته جيئن ٻارن جو مستقبل تباھ نه ٿئي.

راجا عبدالحڪيم گجو/عمرڪوٽ

اٽي جي مھانگي اگھه تي ضابطو ڪڏھن ايندو؟‎‎

19 جنوري 2023 تي ڏيڍ مھينو اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ پوري صوبي ۾ پراڻي پاليسي تحت اٽو في ڪلو 65 رپيا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو. في ڪلو 65 رپين جي حساب سان 2600 رپيا مڻ بيھي ٿو پر ھتي انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو ڪم لڳو پيو آھي. سنڌ صوبي جي غريب عوام دانھي ۽ رَڙي بيھي رھيو آھي پر مجال آھي جو ڪنھن بالا آفيسر جي ڪنن جا پردا کلن ۽ ايمانداري واري اک سان غربت کي ڏسي سندن سار لڌي ھجي! ڪنھن به تڪ جي چونڊيل نمائندي ضلعي انتظاميه کان نوٽيس وٺي مافياز کان پڇاڻي بابت تعقيد ڪيو ھجي ته عوام سان ھيڏي زيادتي ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ عدالت سڳوريءَ جي حڪم تي اڃا تائين ڪٿان جي به واپاري ايسوسيئشنن توڙي چڪي مالڪن عمل ناھي ڪيو. معدنياتي ذخيرن سان مالا مال سنڌ جو عوام ڏينھون ڏينھن ڪنگال ٿي رھيو آھي. آءِ ايم ايف جي قرض جو بار هيٺئين طبقي جي عوام تي مڙھيو پيو وڃي. مھانگائي ماڻھن جو ھانءُ ڦاڙي ڇڏيو آھي! مرڪزي شھرن ۾ عوام جي لاءِ سستي اٽي جا اسٽال لڳرائڻ جي بجاءِ ننڍن شھرن ۾ يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪيا وڃن، جنھن تان عوام جي لاءِ اٽي سميت ٻيون معياري شيون مناسب اگھ تي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن مھانگائي ۾ پيڙھيل عوام مناسب اگھه تي معياري شيون خريد ڪري سگھي.

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر