ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سپر اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڪيريئر جي خراب ڏينهن ۾ هن جو سندس زال اداڪاره انوشڪا شرما سان رويو ٺيڪ نه رهيو. هڪ انٽرويو ۾ ڪوهلي چيو ته انهن ڏينهن ۾ هو چيڙاڪ ٿي ويو هو.هن چيو ته اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري رهيو هوس جيتري چاهيم ٿي ان ڪري مون سوچيو ته خراب رانديگر آهيا ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ويرات ڪوهلي جو چوڻ هو ته منهنجي مزاج ۽ ڪاوڙ سبب زال انوشڪا ۽ گهروارن منهنجو رويو سٺو نه هو. جيڪڏهن توهان کي خراب حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته توهان پنهنجي مقصد کي نه ڏسو، پر هڪ قدم پوئتي هٽو ۽ اندازو لڳايو، اهو توهان کي پنهنجي مقصد ڏانهن اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو.