ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي ايم اين اي  مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيو وائرل ٿيڻ واري ڪيس ۾ سندس ڌيءُ دعا عامر کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي، عدالت ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار جوابدار دانيه شاهه کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو، ايف آءِ ڪيس جو عبوري چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي،  واضح رهي ته ڊاڪٽر عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪرڻ واري ڪييس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ دانيه شاهه جي ضمانت رد ڪندي کيس جيل موڪليو هو.