ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ جاري  پريمئير ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ  جي پنجين مئچ ۾  فرينڊس اليون32 رنسن تان ۽ ڪنگ لائنز 3 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.  پنجين مئچ ۾ فرينڊس اليون بئٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون، ارشاد شيدي 43 رنسون ٺاھي نمايان رھيو، جواب ۾ اسٽار اليون مقرر 8اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنسون ٺاھي سگھي . فرينڊس اليون جي عظيم پتافي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ارشاد شيدي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.