سکر (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار سکر جون چونڊون 15 جنوري تي (اڄ) ٿينديون،  پولنگ صبح  جو نائين کان شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندي. ڊسٽرڪٽ بار سکر جي چونڊن ۾ پروگريسو پئنل طرفان صدر لاءِ وڪيل ظفر عيدن منگي، جنرل سيڪريٽري لاءِ وڪيل ذالفقار علي ملاڻو، نائب صدر ظهير محمد بابر، جوائنٽ سيڪريٽري سيد ظفر شاهه، لائبريري سيڪريٽري لاءِ نويد احمد چنو ۽ خزانچي لاء پارس بگٽي، جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم طرفان صدر لاءِ عجيب جوڻيجو، نائب صدر امام بخش مهر، جنرل سيڪريٽري قربان علي شر، جوائنٽ سيڪريٽري اياز احمد ڀيو، لائبريري سيڪريٽري شهباز حفيظ شاهاڻي ۽ خزانچي لاءِ شاهنواز شر اميدوار آهن.