ٺڪراٺو (ن پ ا) ضلعي سکر جي 4 يوسيز ڍنڍي، سنگرار، روپھر ۽ مبارڪپور مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، ھاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي عوام جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ کليل ڪچھري، ٻوڏ متاثرن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سروي ٿيل گھرن جا معاوضا نه ملڻ جون دانهون. ڊي سي سکر پاران 15 ڏينھن اندر چئني يوسيز مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ سميت ٻوڏ متاثرن ۾ خيما، ڪمبل ۽ ضروري شيون ورھائڻ جو اعلان. خبر موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي سيڪريٽري زراعت ۽ ڊي سي سکر پاران گذريل ڏينهن يوسي ڍنڍيءَ ۾ کليل ڪچھري ڪوٺائي وئي. ڪچهريءَ ۾ يوسي ڍنڍي، مبارڪپور، روپھر ۽ سنگرار جي ماڻھن شرڪت ڪري شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي برسات متاثرن دانهيندي چيو ته ضلعي سکر جي پوئتي پيل 4 يونين ڪائونسلن ۾ ڇهه مهينا گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. متاثرن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال سروي ٿيل گھرن جو معاوضو ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊي سي سکر اعلان ڪندي چيو ته 15 ڏينھن اندر ڄاڻايل يوسيز مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي گهربل ضروري سامان ورهايو ويندو.