ملير(رپورٽر)  ملير جي وسندي ريڙهي مياڻ ۾ بدامني، ڦر جي وڌندڙ واقعن ۽ منشيات خلاف ماهيگير سماجي سنگت پاران ريڙهي ڳوٺ جي مين بازار کان خاصخيلي جيٽي تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي چيو ته هن ريڙهي ڳوٺ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي ور چڙهيل آهي، ڳوٺاڻن کان ڦر جون وارداتون ٿيڻ معمول بڻيل آهي، هن چيو ته  منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڏوهن ۽ منشيات تي ضابطي لاءِ قدم کنيا وڃن