ننگرپارڪر: پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ نوجوان  اجئي ڪمار جي کيسي مان  اردو ۾ لکيل هڪ خط مليو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته محترم بابا سائين آئون پنهنجي هوش ۽ حواس سان هي خط لکي رهيو آهيان ته آئون دنيا ڇڏي وڃي رهيو آهيان، مون کي معاف ڪجو، ڇو ته آئون مينا کان بغير رهي نٿو سگهان، ان لاءِ آئون مينا سان گڏ خودڪشي ڪري رهيو آهيان، ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪجان، اسان ٻئي هڪٻئي کان بغير زندهه نه رهي سگهون ها، ان ڪري آئون ۽ مينا خودڪشي ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان جي شادي ممڪن نه آهي، ان ڪري اسان ٻنهي گڏجي مرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ۾ نوجوان لکيو آهي ته آئون پنهنجي ۽ مينا جي گهر وارن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته زندگي ۾ ته اسان ٻنهي کي گڏ رهڻ نه ڏنو پر مرڻ کانپوءِ اسان ٻنهي کي گڏ رکجو ۽ اسان ٻنهي جي قبر گڏ ٺاهجو، آئون سڀني ڳوٺاڻن کان به معافي ٿو وٺان ته اگر مون کان ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجو، جڏهن ته ويندي ويندي گهر وارن ۽ ڳوٺاڻن کي هڪ ڳالهه چئي وڃي رهيو آهيان ته اسان جي لاشن جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائجو ڇو ته اسان ٻئي خوشي سان مري رهيا آهيون، ان ۾ اسان جي گهر وارن جو قصور آهي، ان لاءِ اسان جي گهر وارن کي ڪير ڪجهه نه چوي، اسان خوشي سان مري رهيا آهيون، خدا حافظ.