ميان صاحب ( ن پ ا) ڳوٺ مڱريا واهي ۾ علي گوهر سومرو جي گهر مان چوري جي ڪوشش ڪئي وئي، سجاڳ  ٿيڻ تي ڀاڳين چورن سان مزاحمت ڪئي، فائرنگ جو آواز ٻڌي ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٽن ڄڻن کي هٿيارن سميت سوگھو ڪري مارڪٽ جو نشانو بڻائي ميان صاحب پوليس حوالي ڪيو. چورن جي سڃاڻپ عطر لوڊرو، صدام ڪاڪيپوٽو ۽ انعام ڪاڪيپوٽو طور ڪئي وئي. رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته چورن وٽان ٻه پسٽل به هٿ ڪري پوليس حوالي ڪيا آهن، ٻئي طرف ميان صاحب پوليس رابطو ڪرڻ تي چيو ته پڪڙيل چورن عطر لوڊرو ،انعام لوڊرو ۽ صدام ڪاڪيپوٽو مٿان گهر ڌڻي علي گوهر سومرو جي فرياد تي چوري ڪوشش ۽ ڀاڳين مٿان فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.