بيجنگ (دلچسپ نيوز) عورتن کي ڦاسائي لکين ڊالر ڦٻائيندڙ نوجوان گرفتار ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چيني شهري زينگ ڪيترين ئي نينگرين سان محبت جو ڊرامو رچايو، لاڳيتو ٻن سالن تائين نوجوان انهن نينگرين کي بيوقوف بڻائيندو رهيو، زينگ پاڻکي اميرظاهرڪري ڪهاڻيون ٺاهي نينگرين کان رقم وٺندوهو، هڪ نينگري 30 لک يوآن هڙپ ٿيڻ بعد پوليس وٽ شڪايت ڪئي جنهن بعد پوليس زينگ کي گرفتار ڪري ورتو. هن پوليس آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو جنهن بعد کيس جيل حوالي ڪيو ويو آهي.