ڪولمبيا(دلچسپ نيوز) ڪولمبيا ۾ هارين دنيا جو سڀ کان وزني انب پيدا ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب باريرا ۽ سندس زال رينا ماريه مروڪون گائياٽا جي علائقي بوائڪا ۾ پنهنجي فارم هائوس ۾ انب جو وڻ پوکيو، ٻنهي زال مڙس هارين انب جي وڻ جي چڱي طرح سار سنڀال لهندا رهيا ۽ مختلف ڪيميڪل پڻ ڏنا. باريرا ۽ سندس زال رينا ماريا جي محنت نيٺ رنگ لاتو، سوا 4 ڪلو گرام وزن رکندڙ انب تيارٿي ويو. ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ وزني پوڻا 4 ڪلو گرام انب پيدا ڪندڙ جو رڪارڊ فلپائن جي هاري وٽ هو. ان حوالي سان هاري باريرا جو چوڻ آهي ته هن زال سان گڏجي وزني انب پيدا ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪئي کيس ان جو ڦل مليو آهي جنهن تي هو تمام گهڻو خوش آهن.