ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا شروتي هاسن چيو آهي ته اڳ ۾ مون کي لڳندو هو بالي ووڊ ۾ سڀ دوستن وانگر آهن پر ائين ناهي.هڪ انٽرويو دوران جڏهن اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا توهان بالي ووڊ جي باري ۾ ٻڌي پر اها غلط ثابت ٿي، جنهن تي شروتي مسڪرائيندي جواب ڏنو ته مان ٻڌو هو بالي ووڊ ۾ سڀ دوستاڻو رويو رکندا آهن پر ائين ناهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان راج ڪمار رائو سان گڏ فلم ”بهن هوگي تيري“ ۾ ڪم ڪري چڪي آهيان، هو هڪ زبردست اداڪار آهي ۽ ٻيهر ان سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي.