شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ يونين ڪائونسل الله آباد جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن پاران راشن ۽ خيما نه ملڻ تي يوسي چيئرمين خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي پھچي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  ڳوٺاڻن صفدر علي چانڊيو، اميرجان چانڊيو، حسن چانڊيو،  غلام حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته   يوسي چيئرمين  راشن خيما ۽ مڇردانيون پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا آهن، نظرانداز ڪيو ويو آهي، آواز اٿارڻ تي ڌمڪايو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.