ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) صحت کاتي گهوٽڪيءَ مان ملازمن جي برطرفين خلاف احتجاج، ڊي ايچ او مٿان سياسي انتقام جو الزام. مظاهرين علي حسن، توفيق احمد، غلام علي چڍڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هو ڪافي عرصي کان صحت کاتي ۾ ايمانداريءَ سان ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن پر ڪامورو تڪ جي ايم پي اي کي خوش ڪرڻ لاءِ کين نوڪرين مان برطرف ڪيو آھي. هنن جو چوڻ هو ته ڊي ايچ او گهوٽڪي محمد يوسف باقر جتوئي صحت کاتي جي ملازمن کي بناجواز شوڪاز نوٽس جاري ڪيا آهن، تڪ جي  ايم پي اي جي چوڻ تي سياسي انتقام ورتو پيو وڃي.  هنن چتاءُ ڏنو ته سومر تي ڊي ايچ او آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.