حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت عوام کان لاتعلق بڻيل آھي. وفاقي حڪومت جي ايجنڊا ۾ صرف مخالف ڌر سان جھيڙو شامل آھي جڏهن ته سنڌ کي ھٿ وٺي ڪرپشن جي ڪالوني بڻايو ويو آھي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ اٽي جو بحران آھي. لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ڏوھارين ۽ قبيلائي دھشتگردن جي رحم ڪرم تي آھن. ماڻھو اغوا ڪيا پيا وڃن. لاڙڪاڻي ۾ 3 ڀائرن سميت پنج ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. نياڻين کي اغوا ڪري ساڻن زيادتي ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته بدين ضلعو تيل ۽ گئس سان مالا مال آھي پر سڀ کان وڌيڪ غربت، بک ۽ بدحالي انھي ضلعي ۾ آھي جنھن ڪري پنج مھينن ۾ پنج سئو خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آھن. حڪمرانن امير سنڌ کي غربت جي اونھي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. هن چيو ته سنڌ جي عوام سان جمھوريت جي نالي ۾ دوکو ٿيو آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام سان غداري ڪئي وئي. 15 سالن کان سنڌ تي هڪ مافيا جي حڪمراني آھي. ان ڪرپٽ مافيا بلديات، صحت، تعليم ۽ زراعت سميت ھر شعبي کي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. ڪوڙا انگ اکر ۽ ڪوڙا رڪارڊ ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري وزيرن ۽ مشيرن ناجائز دولت جوڙي ٻاھرين ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ٺاھيون آھن جڏهن ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جا ادارا ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿا ڪن. هن چيو ته عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ان ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو.