ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ شهرت حاصل ڪندڙ فنڪار ٻيجل سنڌي سان ٽنڊو محمد خان ۾ ملهايل رهاڻ واري تقريب ۾ کيس مڃتا طور اديبن، شاعرن، قلمڪارن، ساڃاھ وندن سندس قومي راڳ کي سنڌ لاءِ اثاثو قرار ڏنو آهي. علم  ادب اڪيڊمي طرفان قومي راڳي ٻيجل سنڌي سان ملهايل رهاڻ واري تقريب کي ٻيجل سنڌي پاڻ مخاطب ٿيندي چيو ته مون پنهنجي گائيڪي ۾ سنڌي قومي راڳ کي سنڌ سان عشق طور سمائي ڇڏيو آهي. پنهنجي حياتي قومي راڳ کي ارپي ڇڏي آهي ، آئون هڪڙو ننڍڙو فنڪار آهيان . تاريخدان مشڪور ڦلڪارو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ٻيجل سنڌ جي قومي راڳ جو نالو آهي، علم و ادب اڪيڊمي جي سرپرست سيد فتح شاھ شمسي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻيجل سنڌي سان رهاڻ ملهائڻ جو مقصد سندس سنڌي قومي راڳ جي موسيقي کي سندس خدمتن جي مڃتا طور اعزاز ڏيڻ آهي، علم و ادب اڪيڊمي طرفان ماضي ۾ پڻ کيس اعزاز طور شيلڊ ڏني ويئي هاڻي کيس تاحيات قومي راڳي جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي، خيرپورميرس کان ڪهي آيل هيومن رائٽس فورم آف پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين عبدالمجيد ميتلو خطاب ڪندي چيو ته ٻيجل سنڌي جهڙا ڪردار تاريخ جا يادگار ڪردار آهن.تقريب کي خاص مهمان طور  اُچ شريف ضلعي بهاول پور پنجاب کان ڪهي آيل سيد محسن رضا شاھ شمسي ، تعليمي ماهر غلام نبي ڪيريو، سورمي سٿ سنڌ جِي جنرل سيڪريٽري صدف غلام نبي ڪيريو،  حيدرآباد کان ڪهي آيل سماجي شخصيت محمد سليمان ابڙو، تاريخدان ليکڪ حڪيم محمد يوسف کتري ، پارس جروار ، حنازهره ، عليزه زرداري ، سلطانه زرداري ، عرفانه ڀٽي ، عرفانه گل ملاح ،  علم او دب اڪيڊمي جي نثار احمد ناز ، عبدالغفور ڪنڀار ، محمد علي مهيري ، علي نواز ڀٽو ، نوشاد ڀٽي ، شاعر عبدالرشيد سمون ، گُل ٽکڙائي ، شاعر جمن جانب سومرو ، جسقم اڳواڻ لياقت ملاح، قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد هاليپوٽو،  ، منور سومرو ، پير بخش جماري ، غلام محمد ڇلگري ، نوشاد علي ڀٽي ، عبدالغفور ڪنڀار ، رسالي مهربان ويزن  جو  ايڊيٽر سيد ممتاز شاھ بُخاري، علي نواز ڀٽو ،  جمن جانب سومرو ، سيد عثمان شاھ، پي ٽي آئي اڳواڻ سيد امتياز شاھ ،  شاعر وقار احمد نظاماڻي ، زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. آخر ۾ مختلف قومي ڪلاڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو .