روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي علائقي پٽڻي ٿاڻي جي حد ڇوهارا مارڪيٽ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان هريش ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.