ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ گهمن ڪالرو ۾ گهريلو اڻبت سبب 30سالن جي نوجوان شادي شده عورت شريمتي ڀاڳي زال لالو ڪولهي پاران زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سندس وارث تعلقي اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر سندس زندگي بچائي ورتي ۽ سندس زندگي خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.