ملير (رپورٽر) ڪراچي جي لانڍي مظفرآباد ڪالونيءَ ويجهو نوجوان پسٽل جا فائر ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. خبر موجب قائدآباد ٿاڻي جي حد مظفر آباد ڪالوني جي مصطفيٰ مسجد ويجهو 30 ورهين جي نوجوان غالب پٽ اورنگزيب گهريلو پريشانيءَ سبب پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد فوتيءَ جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو.