کپرو (ن پ ا) سروري   جماعت  جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته صدر ۾ طاقت آهي ته پنهنجي پاران اعلانيل تاريخ تي چونڊون ڪرائي ڏيکاري، ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جا ھي سڀ ذميوار آهن، پي ڊي ايم کي پنج سال حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي ته ملڪ جو قرض لھي ويندو ۽ خوشحالي اچي سگهي ٿي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مھانگائي جو وڏو سبب ڪنهن به حڪومت کي پورو وقت نه ڏيڻ آهي، هن چيو ته فاطما ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر ڀٽو خاندان جا فرد آهن، انهن  کي بلاول ڀٽو جا ھٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته اسٽبلشمينٽ هن ملڪ جو ھڪ حصو آهي، ان کان سواءِ ملڪ هلي نٿو سگهي، پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ بابت ڳالھائيندي هن چيو ته منهنجي وس ۾ ھجي ته سمورا جيل خالي ڪرائي ڇڏيان، سڀئي وڃي جيل جي ماني کائين، هن چيو ته ملڪ خاطر عمران کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ کپن، ان کان اڳ هن علي حسن ھنڱورجو ۽ علي حيدر ھنڱورجو سان سندس وڏي ڀاءُ انور علي هنڱورجو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ٽيجھي ۾ شرڪت ڪئي.