ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جو ويجھو ساٿي ۽ پنجاب اسيمبلي جو سيڪريٽري محمد خان ڀٽي بازياب نه ٿي سگهيو، درخواستگذار پاران درخواست واپس وٺڻ تي عدالت اڪلائي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ويجھي ساٿي ۽ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي ۽ ٻين جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل محمد خان ڀٽي ۽ ساٿين جي بازيابيءَ بابت درخواست واپس وٺي ڇڏي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست واپس وٺڻ تي اڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته محمد خان ڀٽي جي بازيابي لاءِ سندس نياڻي وڪيل عمر افتخار ڀٽي پاران درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پنجاب اسيمبلي جو سيڪريٽري محمد خان ڀٽي 6 فيبروري کان مٽياري باء پاس کان گم آھي، شڪ آھي تہ محمد خان ڀٽي کي سرڪاري ادارن گرفتار ڪيو آھي، مٿس تشدد جو خدشو آھي، فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته گذريل ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ عدالت کي آگاھ ڪيو ويو ھو محمد خان ڀٽي سنڌ جي ڪنھن بہ ٿاڻي ۾ حراست ۾ ناھي. گذريل ٻڌڻي تي وفاقي حڪومت جي نمائندي ۽ رينجرز پراسيڪيوٽر حبيب احمد عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مھلت گھري ھئي.