نئون دمبالو (ن پ ا)نئون دمبالو ۾ چار  ڏينهن اڳ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل 8 ورهين جي معصوم نياڻي ثمرين آرائين سان انصاف نه ٿيڻ تي سندس ماء ۽ پيء صحافين اڳيان لڙڪ لاڙي ويٺا، احتجاج ڪندي معصوم ثمرين جي ماء پيء روئيندي لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته جوابدار اسان جي معصوم نياڻي جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آھي جوابدار پوليس گرفتار ڪيو آھي پراڃا تائين گرفتار جوابدار  کي چالان نه ڪيو آھي جوابدار ڌر پاران  اسان تي ٺاھ جي لاء دٻاء وجهي رهيا آھن هنن چيو ته گرفتار جوابدار کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪري ٽنڊوغلام علي ڊگهڙي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏينداسين هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کان انصاف جي گهر ڪئي آھي