ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ويجھو  نامعلوم شخص جو باغ مان لاش هٿ، سڃاڻپ ٿي وئي. خبر موجب ڪوٽڏيجي جي علائقي قاسم آباد ڀرسان نامعلوم شخص جو فيض باغ ۾ لاش ڏسي واٽهڙن ڪوٽڏيجي پوليس کي اطلاع ڏنو.  پوليس موجب وارثن پهريان ئي پهچي پنهنجي نوجوان جو لاش کڻائي ويا. لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ بنگل خان چانڊيو واسي شاهد حسين ولد عبدالڪريم عرف عدلو چانڊيو طور ٿي آھي.