حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٽائون ڪميٽي ننگرپارڪر جي ترقياتي ڪمن ۾ مبينا  گهوٻين واري ڪيس مان هڪ ڄڻي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ميرپورخاص جي علائقي سنڌڙي سان تعلق رکندڙ جوابدار غلام حسين تنيو وڪيل معرفت ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو. جسٽس محمد ڪريم خان آغا تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اينٽي ڪرپشن مٺي پوليس 13 جون 2022ع تي 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ گهوٻين جو ڪيس 3 درجن کان وڌيڪ جوابدارن خلاف ڪيو هو. ڪيس پوليس ڄاڻايو ته 2010ع کان 2014ع تائين اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرز ۽ ٽائون ڪميٽي جي عملدارن ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ترقياتي ڪمن جا ڪوڙا بل ٺاهي رقم هڙپ ڪئي هئي. ڪيس ۾ نامزد 15 اڳوڻن عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مان ضمانتون ڪرايون هيون.