جوهري طاقت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي طاقت ڇو نه؟ ميثاق معيشت لاءِ قومي ڊائلاگ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

0
289
شهيد بينظير ڀٽو جمهوري

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزير اعظم شهباز شريف چيو آھي ته اسان ايٽمي طاقت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي طاقت ڇو نٿا بڻجي سگهون ، ان لاءِ اسان کي وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ کي معاشي طاقت بنائڻ جو عزم ڪيو آھي اچو ته ان لاءِ ڪشڪول ٽوڙي سڀ هڪ ٿي وڃون، جشن آزادي جي حوالي سان ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان آئين ،جمهوريت، ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ حاصل ڪيو ويو

،هن وقت اسان کي نيشنل ڊائلاگ جي سخت ضرورت آھي  ته جيئن ماضي جي غلطين جي نشاندهي ڪري اصلاحي ايجنڊا شروع ڪئي وڃي ان طرح جي ڪوششن جو شروعاتي نقطو ميثاق معيشت ٿي سگهي ٿي اسان کي دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل ٿيڻ جو قومي حدف مقرر ڪرڻو پوندو،  هن وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض کنيو، هاڻي قرض جو وياج ڀرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائي کيس وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو قيام اسان لاءِ هڪ سبق آھي، پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آھن

شرپسند قوتن کي يڪجهتي ۽ باهمي اتحاد سان ڪچلي ڇڏينداسين پاڪ فوج سان گڏجي دشمن جا ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين، مايوسيون ڦهلائيندڙن کي وري شڪست ٿيندي، هن چيو ته دعا آھي ته الله تعالي والاريل ڪشمير کي جلد  آزادي نصيب ڪري ، ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ پاڪستان جي تحريڪ جي جذبي وانگر ڪم ڪنداسين، جڏهن قومون ڪوئي مقصد طئه ڪري وٺنديون آھن ته پوءِ ڪا به طاقت ان کي روڪي نٿي سگهي

وزيراعظم چيو ته مشڪلات جا پهاڙ ۽ سمنڊ به ان مقصد جي حاصلات جي راه ۾ رڪاوٽ نه ٿا ٿي سگهن ائين نه آھي ته اسان ترقي نه ڪئي آھي پر جنهن تسلسل، رفتار سان اسان کي منزل حاصل ڪرڻي هئي ان حوالي سان اجتماعي ڪوتاهيون ٿيون ان مشن کي اسان کي پورو ڪرڻو آھي، آزادي وڏين قربانين بعد حاصل ٿي آھي ان جي حفاظت لاءِ رت جو آخري ڦڙو به وهائينداسين، سڀ گڏجي پاڪستان کي معاشي ترقي ڏياريندا سين، جڏهن ته وزير اعظم تقرير دوران ذوالفقار علي ڀٽو ،ميان نواز شريف پاران ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ تي سندن تعريف ڪئي عبدالستار ايڌهي ۽ ان جهڙين شخصيتن کي سلام پيش ڪيو

ھي به پڙھندا

سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري جي دعوت قبولي ورتي