رياض (م ڊ) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي پنجهترهين آزادي واري ڏهاڙي تي مبارڪن جا پيغام موڪليا آهن. سعودي قيادت طرفان صدر عارف علوي جي لاءِ موڪليل پيغامن ۾ پاڪستاني قوم کي آزادي جون مبارڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز پنهنجي پيغام ۾چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ان جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. ولي عهد شهزادا محمد بن سلمان طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشون ۽ دعائون آهن.