جروار (ن پ ا) ڳوٺ مراد خان بوزدار ۾ موٽرسائيڪل تي پولڪا وڪڻندڙ نامعلوم ماڻھو پنج سال جي مجاهد پٽ زاهد بوزدار کي مبيناطور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عورتن جي دانهن تي ٻار کي اغوا ندڙ همراهه ڳوٺ ٻاهريان اڇلي فرار ويو.زاهد بوزدار ٻڌايو ته مجهند جي ٽائيم پولڪا وڪرو ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار همراهه ٻار کي پولڪا کارائڻ جو دلاسو ڏيئي موٽرسائيڪل کي کڻي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ جي عورتن ڏٺو ته ٻار کي موٽرسائيڪل سوار کڻي وڃي رهيو آھي عورتن جي دانهن تي ڳوٺ کان اڌ ڪلوميٽر ٻاهر ٻار کي ڇڏي خانپورمهر روڊ سان فرار ٿي ويو ,هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙو واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس پهتي، هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اهڙو ڪوبه اطلاع نه مليو آھي.