ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي منگهي پير واري علائقي ناردرن باءِ پاس تي چيڪنگ دوران ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ 2 بسن مان لکين رپين جي ماليت جو نان ڪسٽم پيڊ سامان هٿ ڪري 2 جوابدارن حميد ۽ اسلم کي گرفتار ڪيو ويو ، ايس ايس ايچ او منگهو پير موجب هٿ ڪيل سامان ۾ مختلف قسمن جون 2292 ڪريمون،ڪپڙي جا 40 ٿان، جوس، صابڻ، فوڊ ڪلر، اليڪٽرانڪ جو سامان شامل آهي،