نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اي ايس پي ظفر صديق پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آھي ته مختلف ٿاڻن جي پوليس اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ڪارروائي ڪندي صحافي حاجي اختر رند جي گھر سميت مختلف ھنڌن ۽ دڪانن تان چورين ۽ ڦرين ۾ ملوث گروهه جي ٽن ڄڻن محمد شيراز اسفند، بابر ۽ گلريز کي ڦر ڪيل 16 موبائيل فون، ٽن بنا لائسنس وارن پسٽل، ھڪ چوري جي موٽر سائيڪل ۽ نقد ھزارين رپين سميت ٻه ڏينھن ڳ گرفتار ڪيو ويو. ھن چيو ته جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڏھن کان وڌيڪَ ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ان گروهه جا ٻه ڄڻا ھڪ شفيع بروھي ۽ اڻ ڄاتل جوابدار جي ڳولا جاري آھي. ھن چيو ته ڄاڻايل گروهه نوابشاهه جو مقامي گروهه آھي جنھن 15 ڏينهن کان وارداتون شروع ڪيون آھن. ان معاملي تي ٻن ملڪ رياض۽ درٻان کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.