ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي زال ۽ مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس پٽ اذهان مرزا ملڪ جي لنڊن کان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ثانيه مرزا انسٽاگرام تي پنهنجي پٽ اذهان سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي، انسٽاگرام تي شيئر تصوير ۾ ثانيه مرزا ۽ اذهان ملڪ تمام خوش نظر اچي رهيا آهن.