حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت ايم سڪس موٽروي مٽياري ۾ سوا 2 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار معطل ڊي سي سميت 3 جوابدارن کان جاچ لاءِ نيب کي جيل وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران جيل پوليس گرفتار ڊي سي عدنان رشيد کي عملدار وارو پروٽوڪول ڏئي کيس پوليس موبائل ۾ اڳيان سيٽ تي ويهاري عدالت آندو جتان واپس جيل منتقل ڪرڻ دوران به کيس ڊرائيور سان اڳيان ويهاري ڇڏيو، جڏهن ته باقي جوابدار پوليس موبائيل ۾ پوئين حصي کان سيٽن تي ويٺل رهيا. احتساب عدالت ۾ شنوائي دوران معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي منصور عباسي ۽ ايريا مينيجر تابش شاهه سميت گرفتار جوابدارن جي حوالي سان نيب عدالت کي درخواست ڏني ته کانئن جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ کين اجازت ڏني وڃي ته جيئن هو جوابدارن کان جيل ۾ ئي جاچ ڪري سگهن. عدالت درخواست منظور ڪندي نيب کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کان جيل ۾ 4 ڏينھن دوران جاچ مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. شنوائي دوران معطل ڊي سي عدنان رشيد وٽان هٿ ڪيل لگزري گاڏي جي مالڪي ڪندڙ شخص پنهنجي درخواست تان هٿ کنيو، جڏهن ته جوابدار عاشق ڪليري جي حوالي سان سندس وڪيل بيماري بابت درخواست داخل ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪندي سندس طبي معائني لاءِ اجازت ڏني. نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار اسلم پيرزادو پيش نه ٿيو آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي کيس آخري مھلت ڏني ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت رد ڪئي ويندي.