ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي) ڪياماڙي جي ڳوٺ علي محمد ۾ 14 ٻارڙن سميت 18 ڳوٺاڻن  جي پراسرار فوتگين واري معاملي ۾ 5 فوتين جي قبرڪشائي بعد ورتل جزن مان هڪ فوتي ٻار جي جسم مان پلاسٽڪ جي گدلاڻ ملڻ جو انڪشاف، ڪراچي يونيورسٽي جي ريسرچ ۽ ڪيميڪل ليبارٽري پاران رپورٽ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪئي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪياماڙي ضلعي جي علي محمد ڳوٺ ۾ ڪجهه هفتا اڳ م صنعتي گدلاڻ ۽ بدبودار هوا سبب 14 ٻارڙن سميت 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ عدالتي حڪمن تي 18 مان 5 فوتين جي قبرڪشائي ڪري سندن جسم جي مختلف حصن مان جزا ورتا ويا هئا، جيڪي چڪاس لاءِ  ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري اماڻيا ويا هئا.  ليبارٽري پاران هڪ ٻار جي رپورٽ مڪمل ڪري لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فوتي ٻارڙي جي هڏن ۽ ڦڦڙن مان پلاسٽڪ جي گدلاڻ ملي آهي،  رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻار جي هڏن ۽ ڦڦڙن  مان مليل پلاسٽڪ جي گدلاڻ پوسٽ مارٽم ۾ ظاهر ناهي ٿيندي ، رپورٽ ۾ اهو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته ٻين فوتي ٻارن جي رپورٽ ۾ پلاسٽڪ جي گدلاڻ ملي سگھي ٿي، رپورٽ موجب مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻارڙن  جون فوتگيون  پلاسٽڪ ري سائيڪل ڪندڙ فيڪٽرين مان اٿندڙ دز ) دونهين سبب ٿيون آهن. واضح رهي ته ڪياماڙي جي ڳوٺ علي محمد ۾ ڪجهه هفتا اڳ ٻارڙن سميت 18 ڳوٺاڻا فوت ٿي ويا هئا، جنهن ِ کانپوءِ علائقي مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي هئي.