اشو آف دي ڊي … ڊي سيز هائوس کپائي ننڍا گهر ڏنا وڃن، ڪامورا شاهي زندگي گذارن ٿا: عوام

0
198

  سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته ڊي سيز هائوس کپائي ننڍڙا گهر ڏنا وڃن، گورنر هائوس به ايئن ڪيا وڃن، وزيراعظم، صدر، ايم اين اي، ايم پي ايز جا خرچ ۽ پروٽوڪول گهٽايو وڃي، ان حوالي سان لالا ذوالفقار جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي پاڪستان جا ڊي سيز ھائوس کپائي انھن کي 120 وال تي ٻن ڪمرن وارو گھر ڏيو، بيوروڪريٽ آسمان مان ناھن لٿا جو شاھي زندگي گذارين. جنهن تي قاضي يعقوب اتفاق ڪيو، عبدالواجد لکيو ته صرف چارئي گورنر جا هائوس کپائن ته به اڌ قرض لهي ويندو، راجا غلام قادر شاهه لکيو ته اهي ئي ته اصل حاڪم آهن انگريزن جي دور کان، عطا محمد شر لکيو ته اھو ڪم ته عمران خان ڪرڻو هو پر اڌ ۾  هليو ويو، فخر سمون لکيو ته فخر سمون لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو پر ٿورو ان کان اڳتي به وڌو….ٻيا به کوڙ ڪامورا، يورپي اسٽائيل جون وڏيون وڏيون ڪالونيون ٺاھي ويٺا آهن انھن لاءِ به اھڙو مطالبو رکو. ايڊووڪيٽ نياز حسين راڄپر به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، منظور احمد سومرو لکيو ته ھر ننڍي يا وڏي آفيسرن کان بنگلي جي مسواڙ بنگلي ۽ پگھار جي حساب سان ورتي وڃي ۽ سڀ بل به اھي پاڻ ڀري ڀلي اھو ميمبر اسيمبلي جو وزير يا وزيري اعليٰ، وزيراعظم يا صدر ڇونه ھجي ۽ انھن سڀني کان سيڪورٽي به واپس ورتي وڃي پوء ڏسو پاڪستان ترقي ڪري ٿو يا نه ڇو جو گھڻو حصو بجٽ جو انھن مٿان خرچ ٿئي ٿو پر اھو ڪم ڪير ڪندو ڇو جو اھي مفت جو مال ڪونه ڇڏيندا. مشتاق احمد چنا لکيو ته ننڊو بنگلو هجي ائين شاهي محل ۽گهڻا نوڪر چاڪر نه هجن اهي به ضرورت مطابق هجن،عبدالوحيد مستوئي، شڪيل احمد زبيدي، شائسته نظاماڻي، غلام قادر ٻٻر،  منظور چنا، شمس الدين ٻگهيو، محمد ذڪريا به ردعمل ڏنو، علي رضا شاهه لکيو ته اصل خرابي سياسي نظام ۾ آهي، ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو ڪم آهي قانونسازي ڪرڻ ۔ جڏهن ته وزير ٽيڪنيڪل ماڻهو هوندا آهن ۽ جوابده هوندا آهن اسيمبلين کي، عبدالجبار ٽوٽاڻي لکيو ته رڳو انهن کان ٽائيم تي آفيس اچڻ ۽ غريب ماڻهن جا فوري طور جائز ڪم ڪن ۽ نه ڪرڻ جي صورت ۾ انهن کي 5 سالن لاءِ پوسٽ نه ڏيڻ جو قانون لاڳو ڪيو وڃي. سنڌيا سمون، مشاهد احمد، خادم ميمڻ، شير محمد، امان الله پنهور، سيف الله مغيري، نور مبيجو، شاهد چنڍڙ، عبدالجبار ٻگهيو، نويد انصاري به پوسٽ تي ردعمل ڏنو.