پريا ڪماري جي اغوا الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ شاهد شاهه پاران الزامن جي ترديد

0
66

پريا ڪماري جي اغوا الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ شاهد شاهه پاران الزامن جي ترديد، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي شاهد شاهه چيو ته پريا ڪماري جي امڙ منهنجي ڀيڻ آهي ۽ قيامت تائين ڀيڻ رهندي

شاهد شاهه چيو ته سوشل ميڊيا تي پريا جي امڙ جي حوالي سان لڳندڙ الزامن تي ڏک ٿيو، پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ اسان به ڀرپور ڪوششون ورتيون، اميد آهي ته پريا ڪماري جلد بازياب ٿي ويندي

پريا ڪماري جي والد راجڪمار به ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شاهد شاهه تي لڳايل الزام غلط آهن، پوليس وارن جي نااهلي جي ڪري منهنجي ڌيءَ اڃا بازياب نه ٿي آهي، سڀ نياڻين وارا آهن، سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزام هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي