ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار شھر برڪت ڪالوني جي رهواسين حيسڪو خلاف ميرپورخاص _ ٽنڊوالھيار مين روڊ تي اسٽيشن واري علائقي ۾ زيادتين خلاف احتجاجي ڌرڻو ۽ مظاهرو ڪيو. ڌرڻي سبب ٻنهي روڊن تي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاھرين جو چوڻ ھو روز روز پراڻو ٽرانسفارمر لڳايو وڃي ٿو، جيڪو لڳائڻ سان ھفتي کان پوءِ ڦاٽي پوي ٿو، جنهن جون شڪايتون حيسڪو ٽنڊوالھيار جي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي بار بار ڪندا رهيا آهيون پر ڪوبہ تدارڪ نہ ٿيو ،اڄ ٻيھر ڦاٽي پيو ۽ گذريل 2 ڏينهن کان بجلي بند آهي، بجلي جي سپلاء نہ ھئڻ ڪري گھرن اندر پيئڻ جو پاڻي ناهي ۽ نہ وري مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي ميسر آهي، ھنن چتاءُ ڏنو تہ جيستائين ٽرانسفارمر نٿو ھنيو تيستائين اسان جو احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو، آخري اطلاع تائين مظاهرين جو ڌرڻو جاري آهي.