اڏيرولال(ن پ ا): اڏيرولال لڳ ڳوٺ طاهر هنڱورو جي رهواسي پورهيت 26 سالا نوجوان عبدالجبار ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا، زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل. گهر جو الهه تلهه وڪرو ڪري ڇڏيو، ان باوجود اڃان تائين صحتياب نه ٿي سگهيو. ڪراچي سميت مختلف خانگي اسپتالن مان علاج ڪرايو آهي، جنهن تي 5 لک خرچ ٿي چڪو آهي، هاڻ وڌيڪ پيسا نه آهن جو پنهنجي ٻچي جو علاج ڪرائي سگهون. ڪينسر جي موذي مرض ۾ وڪوڙيل پورهيت جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان غريب مسڪين محنت مزدوري ڪري گذر سفر ڪري پيٽ پاليندا آهيون. هنن چيو ته نينگر جي بيماري سبب اسان سخت پريشان ٿي ويا آهيون، هنن سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن بيمار نوجوان جو علاج ڪرائي سگهون.