ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، چار ڏينهنن اندر 52 کان به وڌيڪ گيسٽرو جا مريض رجسٽرڊ، پي پي ايچ آءِ سينٽر سميت خانگي اسپتالن ۾ معصوم ٻارڙن جي پيهه. ٽالهي شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي جنهن سبب چار ڏينهن ۾ 52 کان به وڌيڪ معصوم ٻارڙا گيسٽرو جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا، ڏينهون ڏينهن گيسٽرو ڊائيريا ۾ اضافو ٿيڻ ڪري پي پي ايچ آءِ سينٽر سميت ٻين مختلف خانگي اسپتالن ۾ معصوم ٻارڙن جي ڪافي رش موجود. چوماسي جون برساتون پوڻ، گندلو ۽ بدبودار پاڻي واپرائڻ سبب معصوم ٻارڙا گيسٽرو بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا. انهيءَ حوالي سان پي پي ايچ آءِ ڊاڪٽر نعمت الله ڪپري سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي هنن جو چوڻ هو ته اسان وٽ هن وقت روزاني 10کان 12 مريض گيسٽرو ۽ ڊائيريا بيماري ۾ مبتلا ٻارڙا اچي رهيا آهن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي انهي کان علاوه ٻين مختلف بيمارين پڻ کر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنو آهي انهي جو سبب گندلو ۽ بدبودار پاڻي واپرائڻ آهي.