عمرڪوٽ (رپورٽر)عمرڪوٽ لڳ پنجاب جي وڏي ۽ ڇتي ماکي جو ھارين تي حملو، عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هاري زخمي، اسپتال منتقل. ان سلسلي ۾ سامارو موڙ لڳ آبادگار ڪمار ٽلواڻي جي ٻني ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪندڙ ھارين تي پنجاب جي وڏي مک واري ماکيءَ حملو ڪري 40 جي لڳ ڀڳ عورتن، ٻارڙن ۽ نارين کي ڏنگي زخمي ڪري وڌو جن کي ٽريڪٽر ٽرالي وسيلي فوري طور سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو ويو جتي کين طبي امداد ڏئي گھر روانو ڪيو ويو. جڏھن ته سخت متاثر ٿيندڙ ٻن عورتن ايسي زال مانو ۽ ديوالي زال مامو کي سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪيو ويو. جڏھن ته ٻين زخمين ۾ نرملا، سوني، مينا، رامي، ھري ۽ ٻيا شامل آھن. ان سلسلي ۾ ھارياڻين ٻڌايو ته ڦٽي جو چونڊو ڪندي اچانڪ ماکي جي مکين حملو ڪيو جھن سبب عورتن ٻارڙن ۾ خوف پکڙجي ويو .