اسلام آباد: اپوزيشن ٽيڪس نه ڏيندڙن جي گرفتاري جو اختيار ايف بي آر کي ڏيڻ هڪ ٻيو نيب قائم ڪرڻ برابر قرار ڏئي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ جي سيد نويد قمر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ جو واپاري طبقو پهرين ئي نيب کان تنگ هو، هاڻ ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار ڏنا پيا وڃن، هاڻ واپاري ماڻهو چوندا ته خدا جي واسطي ايف بي آر کان بچايو ۽ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو، پهرين ايف بي آر ڏنڊ لاڳو ڪندو هو، هاڻ هن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي، اهڙن ماڻهن کي اختيار ڏنا پيا وڃن، جن جو رڪارڊ سٺو ناهي. هن چيو ته هن وقت عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، بجيٽ ۾ انڊائريڪٽ ٽيڪس بجاءِ ڊائريڪٽ ٽيڪسون هجڻ گهرجن ها. نواز ليگ اڳواڻ خرم دستگير چيو ته ايندڙ سال حڪومت ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل نه ڪري سگهندي، حڪومت رڳو غريبن ۽ هيٺين طبقي کي تنگ ڪري رهي آهي. جي يو آءِ جي شاهده اختر علي چيو ته ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي کل لاٿي پئي وڃي، سرڪاري ملازمن جي الائونسن تي ٽيڪس لڳائڻ ظلم آهي، 2018ع ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبو مڪمل ٿي ويو آهي، عوام کان 2021ع تائين بجلي بلن ذريعي نيلم جهلم سرچارج وصول ڪيو ويو، ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار ڏيڻ هڪ نئين نيب کولڻ برابر آهي. نواب يوسف ٽالپر چيو ته زراعت کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان تي ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، ڀارت ۾ ڊي اي پي سستي ۽ اسان وٽ مهانگي آهي، زراعت کي رليف نه ڏنو ويو ته معيشت بهتر نه ٿي سگهندي، پيٽروليم ليوي ۾ اضافي سان مهانگائي ۾ به اضافو ٿيندو، پاڻي مامري تي سنڌ ۽ پنجاب کي ويڙهايو پيو وڃي، ٽي پي لنڪ ڪنال ٽن صوبن جي اعتراضن باوجود کوليو ويو آهي، ارسا کي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي، سنڌ هڪ پاڻي جو هڪ ڦڙو به اضافي نه ٿو چاهي، نفيسا شاهه چيو ته وزيراعظم جي ڪرسي خالي آهي، ايف بي آر کي نيب بڻايو پيو وڃي، هي فنانس بل بک ۽ غربت جي سونامي آهي.