ٽنڊوڄام/لاهور: (ن پ ا+ بيورورپورٽ) ملڪ اندر گرمين ۾ به گئس بحران سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سي اين جي ۽ صنعتن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٽنڊي ڄام جي هڪ گيس يونٽ جي پيداوار بحال ٿي وئي آهي. حڪومت ڪراچي ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ ٻي ڪمپني به آڻڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي گيس پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب خانگي ڪمپني جي ايل اين جي ٽرمينل جي مرمت لاءِ بندش سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ گئس جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي ۽ گئس شارٽ فال 800 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي ويو. سوئي ناردرن کي 600 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ ۽ سوئي سدرن کي 150 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ گئس جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گئس جي کوٽ سبب سنڌ کان پوءِ هاڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به سي اين جي سيڪٽر کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. سيمنٽ سيڪٽر ۽ غيربرآمدي شعبن جي صنعتن کي به گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي. بجلي جي پيداوار به متاثر ٿي آهي. پن بجلي جي پيداوار 3700 ميگاواٽ تائين گهٽ ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لوڊ مينجمنٽ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي توانائي بابت صلاحڪار تابش گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي 2 ڪروڙ آبادي کي هڪ ڪي اليڪٽرڪ جي آسري تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، ايندڙ سال ڪراچي واسين کي اها سهولت به ڏني ويندي ته هو ڪي اليڪٽرڪ جي بجي استعمال ڪن يا وري ٻي ڪمپني جي. هن چيو ته غلطي سان سنڌ جي گيس سوئي ناردرن کي ملي آهي جنهن کي واپس ڪيو ويندو پر هن اهو نه ٻڌايو ته اها بجلي ڪڏهن واپس ڪئي ويندي. هوڏانهن ڪنر آئل ۽ گئس فيلڊ ٻن يونٽ مان هڪ يونٽ شروع ڪري ڇڏيو، 220 ملين مڪعب فٽ گئس مان 100 ملين مڪعب فٽ گئس جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻيو يونٽ به جلد شروع ڪيو ويندو ۽ 200 ملين مڪعب فٽ گئس فراهم ڪئي ويندي.