ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) جعلي اڪائونٽس ڪيس، فالودي واري کانپوءِ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت جي جعلي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪري چوري جون 200 جاپاني گاڏيون ڪرڻ جو انڪشاف، نيب جو نوٽيس ملڻ بعد پورهيت پريشان، سندس چوڻ آهي ته مون وٽ ڀاڙي جا پئسا به ناهن. ان ڏس ۾ نيب راولپنڊي جي ٽيم نارٿ ناظم آباد واسي پورهيت اڪبر کي نوٽيس اماڻي 15 جولاءِ تي راولپنڊي طلب ڪيو آهي، طلبي نوٽيس ۾ نيب جو چوڻ آهي ته سال 2016 ۽ 17ع ۾ جاپان مان چوري ٿيل 200 گاڏيون خريد ڪيون ويون،گاڏين جي خريداري لاءِ پورهيت اڪبر جي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪئي وئي، نوٽيسز جاري ٿيڻ باوجود اڪبر 15 ۽ 24 جون تي نيب آڏو پيش نه ٿيو، پورهيت محمد اڪبر جو چوڻ آهي ته آئون شٽرنگ جو ڪم ڪري پيٽ پاليندو آهيان، راولپنڊي وڃڻ لاءِ ڀاڙو ناهي ، هن چيو ته جاپان جو رڳو نالو ٻڌو اٿم، ڪڏهن ويو ناهيان، هن چيو ته نيب جو نوٽيس ملڻ بعد پريشان آهيان، مون کي خبر ناهي ته نوٽيس ڇو اماڻيو ويو آهي؟