اسلام آباد/سکر/جيڪب آباد (نمائندن وٽان/م ڊ) نيب چيئرمين اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپي دوران نيب ٽيم تي حملي، کيس يرغمال بڻائڻ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، ڊي نيب سنڌ کي جاچ جي هدايت، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي، اعجاز جکراڻي کي 19 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم، جيڪب آباد ۾ پ پ جو وفاقي وزير جي گهر آڏو ڌرڻو. خبر موجب نيب چيئرمين جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپي دوران نيب ٽيم کي يرغمال بڻائڻ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي جي نيب سنڌ کي مامري جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، نيب چيئرمين چيو آهي ته نيب ٽيم بنا جواز ڪنهن جي خلاف به ڪارروائي ناهي ڪندي، ٽيم مٿان حملي ۽ پٿراءُ ڪرڻ جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي پاسي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف نيب پاران داخل ٻن ريفرنسز جي احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي وٽ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اعجاز جکراڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏھن ته سندس وڪيل پيش ٿيو، عدالت اعجاز جکراڻيءَ کي نوٽيس جاري ڪندي 19 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضع رھي ته نيب سکر طرفان اعجاز جکراڻي سميت 5 ڄڻن خلاف 74 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ٿيل آھي، جڏھن ته نيب پارن اعجاز جکراڻي سميت 13 ڄڻن مٿان 36 ڪروڙ رپين جو ٻيو ريفرنس به داخل آھي، نيب ذريعن موجب اعجاز جکراڻي خلاف سنڌ ايجوڪيشن ريفارمر پروگرام ۾ جيڪب آباد ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ وڏي رقم خرد برد ڪرڻ واري معامري جي جاچ به ھلندڙ آھي. هوڏانهن اعجاز جکراڻي جي گھر تي نيب جي ڇاپي خلاف پ پ پاران صوبائي صلاحڪار جي ڀاءُ خالد حسين جکراڻي، لياقت لاشاري، رحمت الله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي گھر آڏو شاميانا ھڻي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه بند ٿي ويو، مظاهرين وفاقي وزير ۽ نيب خلاف سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج دوران سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اعجاز جکراڻي نيب سان ھر معاملي ۾ سهڪار ڪيو، نيب ريفرنسز ۾ ھو ضمانت تي آهي پر ان جي باوجود نيب ٽيم سندس گھر ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو، هنن چيو ته اسان نيب گردي کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ھنن چيو ته وفاقي وزير محمد ميان سومرو ايتريون ڪارروايون ڪرائي جيتريون سڀاڻي برداشت ڪري سگهي.