نئين دهلي(دلچسپ نيوز) هاٿي جو ٻچو کوهه ۾ ڪري پيو، رضاڪارن بچائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اڙيسا ۾ هاٿي جو ٻچو 15 فوٽ اونهي کوهه ۾ ڪريو، ٻچڙو سڄي رات تڙپندو رهيو، صبح جو مقامي ماڻهن ڏسي ورتو ۽ وائلڊ لائيف کاتي کي اطلاع ڪيو،اطلاع تي وائلڊ لائيف رضاڪارن پهچي وڏي جدوجهد بعد هاٿي جي بچڙي کي ٻاهرڪڍي ورتو، ان حوالي سان وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هاٿين جو هڪ قافلو جهارکنڊ مان جهنگ ٽپي ڄاڻايل ڳوٺ پهتو هو، ان قافلي مان هڪ ٻچڙو وڇڙي اونداهي سبب کوهه ۾ ڪريو.