قاضي احمد (ن پ ا) عدالتي حڪم تي ٻيلي کاتي جي ٽيم قاضي احمد لڳ ڪچي جي علائقي سکپور ٻيلي ۾ سرڪاري زمين تي ٿيل قبضن جي خاتمي لاءِ پوليس اٽالن جي مدد سان آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڳري مشينري جي مدد سان خدا بخش، ھادي بخش، الھه بچايو شاھ، سڪندر اوٺو سميت 8 ڄڻن جا گھر ڊاهي پٽ ڪري پاڻي جا بور پٽي ڇڏيا، آپريشن دوران فاريسٽ ڊپارٽمينٽ طرفان  100 ايڪڙ زمين تي غير قانوني پوکائي ڪيل  چڻا، ڪمند ۽ منڱن جو فصل ٽريڪٽر وسيلي هر ڪاهي ڀيلائي ڇڏيو، ٻيلي کاتي جي عملدارن ڄاڻايو آھي ته 1800 ايڪڙ زمين تي بااثر ڌريون هٿيارن جي زور تي قبضا ڪري فصل پوکي رهيون آھن، جن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.