ملير(رپورٽر) پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيتن پگهارن ۾اضافي، گلشن حديد فيز 4 شروع ڪرڻ ۽ برطرف ملازمن کي بحال ڪري ملز هلائڻ لاءِ مل جي مک گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن کي پاڪستان اسٽيل سرونگ ايمپلائز ايڪشن ڪاميٽي Aجي اڳواڻن عاصم ڀٽي، شوڪت ڪورائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسٽيل ملز جا پورھيت بکون ڪاٽڻ ۽ پنڻ تي مجبور آھن، هنن چيو ته اسٽيل ملز شھيد ڀٽو جو ڏنل تحفو آهي، وفاقي سرڪار ۾ شامل  پ پ اسٽيل ملز بحال ڪري شھيد جي ڏنل تحفي کي بچائي، هنن چيو ته اسٽيل ملز جي پورھيتن جي پگھار 2010ع   واري آھي، جنهن  ۾ 13 سالن دوران واڌارو ناهي ٿيو، هن وقت  مهانگائي آسمان سان ڳالھيون ڪري آھي، انهي ڪري پگھارن ۾ واڌ ڪئي وڃي، هنن چيو ته اسٽيل مل انتظاميه پورهيتن جي ميڊيڪل جي سھولت ۽ اسٽيل ٽائون ۾ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آھن، جنھن ڪري ملازمن جا ٻار تعليم کان ۽ خاندان ميڊيڪل جي سھولت کان محروم آھن، هنن چيو ته مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاج جودائرو وڌايو ويندو،