شڪارپور(رپورٽر) ڳڙھي تيغو ٿاڻي جي ميس انچارچ پوليس اھلڪار زبير شاھ جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي مغوي پوليس اھلڪار زبير شاھ جي وارثن فرحان شاھ، الطاف شاھ، شبير شاھ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اهلڪار بازياب ناھي ٿي سگهيو. هنن چيو ته پوليس وارا پاڻ ئي محفوظ نه آهن ته عام شهرين کي تحفظ ڪيئن ملندو، انھن چيو ته اسان جي نوجوان کي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي انچارج عاشق ابڙو اغوا ڪرايو آھي انھن مطالبو ڪيو ته پوليس اھلڪار زبير شاھ کي  بازياب ڪرائي سندن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.