خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسرن، آفيسرن ۽ ملازمن پاران جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ليو انڪيشمينٽ سميت مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ ايڊمن بلاڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هڻي يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ ساپوا پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ۽ سلوٽا جي صدر پروفيسر اختيار گهمرو، آفيسرز ايسوسيئيشن جي مراد حسين پيرزادو، منير شاهه راشدي، پروفيسر حسام الدين شيخ سميت وڏي تعداد ۾ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا ڪيترن سالن کان يونيورسٽي جي سينيٽ جو اجلاس ناهي ڪوٺايو، يونيورسٽي جي بجيٽ غيرقانوني طور استعمال ٿي رهي آهي. يونيورسٽي انتظاميا جي شاهي خرچين ۽ غلط پاليسن سبب يونيورسٽي جا استاد، آفيسر، ملازم توڙي شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي يونيورسٽي انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا جلد تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.