هالا ( ن پ ا) ڪوشش ڪندس ته مٽياري ضلعي جي عوام کي وڌ کان وڌ فائدو رسايان پوئين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ضلعي جي صورتحال خراب آھي پر چيلنج جي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي سگھه رکون ٿا  . اهڙو اظهار مخدوم امين فھيم جي ڀائٽي سنڌ ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان جي فرزند سروري جماعت سنڌ جي صدر اميدوار چيئرمين ضلعي ڪائونسل  مٽياري مخدوم احمدالزمان ڪيو آهي، جنهن جو مٽياري جي يونين ڪائونسل 16 محمد حسين ھنڱورو تان فارم منظور ٿي ويو آهي. فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس مٽياري سوين گاڏين جي قافلي سان روانو ٿيڻ کان اڳ مخدوم احمدالزمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو  تہ ضلعي جي سڀني ڌرين کي گڏ کڻي ھلڻ جي ڪوشش ڪندس سڀئي منھنجا ڀائر آهن ھن چيو تہ گذريل ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان پنھنجي محنت ۽ جدوجھد سان جيڪو ضلعي جي بھتري لاء ڪم ڪيا انھن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندس. واضح رھي تہ يونين ڪائونسل محمد حسين ھنڱورو تي 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن جن جي اسڪروٽني جاري آهي. مخدوم احمد زمان سان گڏ ايڊوڪيٽ ڪريم داد ھنڱورو، گل محمد پنھور. سيد علي رضا شاھ. سيد ممتاز شاھ. سيد محمد علي شاھ اجناڻي سميت سروري جماعت جا ھزارين مريد ساڻس گڏ هئا.