ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ۾ پيٽرول پمپ مالڪ جي پٽ جو ڪمري مان ٽنگيل حالت ۾ لاش هٿ، وارثن پاران ڦر مزاحمت تي قتل ڪري لاش ٽنگڻ جو شڪ ظاهر، خبر موجب شهر جي هريپور محلي ۾ پيٽرول پمپ مالڪ سليم چنا جي نوجوان پٽ پنهل چنا جو پيٽرول پمپ جي ڪمري مان پنکي ۾ ٽنگيل لاش ھٿ ڪيو ويو، پيٽرول پمپ مالڪ سليم چنا ٻڌايو ته پٽ رات جو پيٽرول پمپ تي سمهندو هئو، هن چيو ته مونکي شڪ آھي ته پٽ کان ڪنهن پئسا حر ڪيا آھن ۽ مزاحمت تي کيس قتل ڪري لاش کي پنکي ۾ ٽنگيو آھي، جنهن سبب سندس وات مان رت وهي رهيو هو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.